سيفو- شاعره

سيفو- شاعره

سيفو شاعره

سيفو- شاعره (620- 565 ق. م): مشهور يوناني شاعره سيفو جو شمار يونان جي عظيم شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سيفو، يونان ۾، مائٽيلن (Mytilene) جي ’ليسباس‘ ٻيٽ تي ڄائي هئي. سندس پيءُ ان وقت وفات ڪئي، جڏهن هوءَ ڇهن سالن جي مس هئي. عام طور چيو وڃي ٿو ته سندس شادي سرڪولاس نالي هڪ امير واپاريءَ سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ به هئي، جنهن جو نالو ڪليس (Clies) هو، پر ’فون‘ (Phoan) نالي ماڻهوءَ سان سندس پيار کي افسانو قرار ڏنو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هوءَ شاهوڪار خاندان مان هئي، پر سندس شاعريءَ ۾ اميرن جي سياست ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ جو ڪو به اهڃاڻ نه ٿو ملي، هوءَ پنهنجي مڙس يا ڀائرن جي سياسي ڪردار جي ڪري يونان جي هڪ جابر حڪمران پٽاڪس خلاف رٿابنديءَ ۾ شريڪ ٿي هئي، ۽ ڪجهه عرصي تائين سسليءَ ۾ جلاوطن به ٿي هئي. چيو وڃي ٿو ته هن ان جلاوطنيءَ کان وڌيڪ زندگيءَ جو عرصو ’ليسباس‘ ۾ گذاريو هو، ۽ اندازاً 565 ق. ۾ وفات ڪئي هئائين.
چيو وڃي ٿو ته ڇهين صدي (ق. م) ۾ ’لسباس‘ ٻيٽ جون خانداني (اشرافيه) عورتون شاعري ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاءِ غير رسمي محفلن ۾ گڏ ٿينديون هيون، ۽ سيفو عورتن جي اهڙين انجمنن مان هڪ جي صدر هئي. هن جون مداح عورتون ڏورانهن هنڌن تان سندس شاعري ٻُڌڻ اينديون هيون، هن ايوليائي لهجي ۾ شاعري ڪئي ۽ ان لاءِ مختلف بحر (meters) ڪم آندا، جن مان هڪ بحر جو نالو ئي ’سيفڪ‘ پئجي ويو. هن جي شاعري سادي هئي ۽ ادبيءَ بجاءِ عوامي هئي.
سيفو جي زندگيءَ جي ڪهاڻي اصل تاريخي بنيادن بدران داستان گوئيءَ واري نموني بيان ڪئي وئي آهي. البت اهو چڱيءَ ريت معلوم آهي ته هوءَ هڪ مشهور شاعر عورت هئي، جنهن وٽ ڪيتريون ننڍڙيون نينگريون علم حاصل ڪرڻ لاءِ ليسباس ٻيٽ تي اينديون هيون ۽ ايـفـروڊائيـٽ ديـويءَ لاءِ مخصـوص پـوڄـا ۽ شيـوا ۾ حصو وٺنديون هيـون. 19 صديءَ تائين سندس شاعري زباني روايتن ۾ موجود هئي، پر پوءِ ڪجهه ڪاغذي ٽڪرن (Papyrus fragments) تي سندس شاعري ملي آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جا ٽي رنگ ملن ٿا: (1) ذاتي/ شخصي، (2) گهٽ شخصي ۽ لوڪ انداز، ۽ (3) شاديءَ جا گيت. هي گيت گهڻو ڪري ليسباس ۾ سندس اردگرد جمع ٿيندڙ انهن ڇوڪرين ۽ عورتن جي باري ۾ لکيل آهن، جن کي هوءَ ڳائڻ ۽ موسيقي وغيره جي سکيا ڏيندي هئي.
1902ع ۾ ’نتالي هارفي‘ سيفوءَ جي ساراهه ۾ شاعري ڪئي ۽ پنهنجي محبوبا ’ريني وويئن‘ سان گڏجي ’لسباس‘ جي زيارت ڪئي ته جيئن ’سيفڪ ماڊل‘ تي ٻڌل شاعريءَ جي مڪتب جي ڄاڻ حاصل ڪري. سيفوءَ جي حمايت ۾ 1972ع ڌاري سڊني ايبٽ ۽ ’برنانس لو‘ جي ڪتاب ‘Sappho was a Right on Woman’ وڏي شهرت حاصل ڪئي.
سيفوءَ جي شاعريءَ جا اثر 2،500 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به اڄ تائين محسوس ڪيا وڃن ٿا. سيفوءَ جي شاعريءَ ۾ ٻين عورتن لاءِ رقابت ۽ محبت جا جذبا به ملن ٿا. سندس پسنديده عورتن ۾ اٿيس، اناڪٽوريا، گونجائلا ۽ مناسيڊيڪا جا نالا چيا وڃن ٿا.
سيفوءَ جي اڄ تائين مليل نظمن/ گيتن مان ڪو به مڪمل نه آهي، پر جيڪي مليا آهن، سي ڏاڍا خوبصورت آهن. هن جو ڊگهي ۾ ڊگهو نظم 20 سٽن جو آهي، پوءِ به قديم شاعرن ۾ سيفوءَ کي يونان جي اوائلي مترنم (lyrical) شاعرن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. افلاطون کيس ’فن جي ڏهين ديوي‘ سڏيو آهي، جڏهن ته سندس شاعريءَ لئٽن شاعرن- ڪيٽولس ۽ اووِڊ کي ڪافي متاثر ڪيو آهي.
اهو معلوم نه آهي ته سيفوءَ جي زندگيءَ ۾ سندس نظم/ گيت ڪهڙيءَ ريت مقبول ٿيا يا ڇپيا، پر اهو معلوم ٿئي ٿو ته ٽين يا چوٿين صدي (ق. م) ۾ سندس بچيل تحريرون ڏهن ڪتابن جي صورت ۾ ملن ٿيون، جن مان 9 غنائي (lyrical) شاعريءَ جا ۽ هڪ نثر جو ڪتاب، نائين صدي عيسويءَ ۾ سيفوءَ جون تحريرون/ نظم ٻين ليکڪن جي تحريرن ۾ اقتباس جي صورت ۾ ملن ٿا.
سيفوءَ جي شاعري دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي، جن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي ڪتاب ’شاعر عورتون'>دنيا جون شاعر عورتون‘ (ترجمو) ۾ سيفوءَ جا ڪجهه نظم ترجمو ڪري ڏنا آهن، جن مان ٻه هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
نياڻيءَ جو ڀاڳ:
اسين لوڙهيون ٿا،
هيءَ دکي هن ٻيڙيءَ ۾
انهن لفظن سان ته:
”هن ۾ رک آهي،
ننڍي نيٽي ٽماس جي،
جنهن کي ’پرسي فون‘ سان
زوريءَ پوريو ويو هو،
اڻ پرڻيل حالت ۾،
اونداهيءَ ڪوٺيءَ اندر-
۽ هن گهر کان بي گهر
جلاوطن ننڍڙي نياڻيءَ خاطر
هڪ جيڏين ڏک ۾
تيز تکا بليڊ کڻي
پنهنجا سهڻا سندر وار
ڪُوڙي ڇڏيا هئا!“
(2)
هُو ۽ تون:
هُو ڪنهن سورمي کان به وڌ،
منهنجي لاءِ ڄڻ ته خدا آهي.
ها، اُهو ئي ماڻهو جنهن کي
تنهنجي ڀرسان بيهاريو ويو آهي.
اُهو جيڪو تنهنجا مٺڙا ٻول،
تنهنجي سُس پُس، ڪن ڏئي
پيار مان ٻُڌي رهيو آهي،
اُها جادوءَ ڀري کِل کِلي رهيو آهي،
جا منهنجي دل جي ڌڙڪن وڌائيندي آهي.
***
جيئن تو سان اوچتو ملڻ سان،
ماٺ ٿي وڃان ٿي،
سو اُن لاءِ ته
منهنجي زبان ڄڻ ڦٽجي پئي آهي،
منهنجي تن اندر ڪا ئي
باهه ٻري وئي آهي.
ڏسان ٿي، نه ڪي ٻُڌان ٿي
بس ڄڻ پنهنجا ئي ڪن وڄن ٿا،
پگهر ۾ پُسي ڏڪان ٿي،
هيڊي سُڪل گاهه جيان
هيڊي ٿي وڃان ٿي.
اهڙي وقت موت مونکان
ڪو ايڏو دُور ته نه آهي.
(ترجمو: ڊاڪٽر فهميده حسين)


هن صفحي کي شيئر ڪريو